چَند فقير

چَند فقير: چند فقير، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڦولڙي ۾ جنم ورتو هو. هميشه گيڙو رنگ جا ڪپڙا پائيندو هو. هو اڳتي هلي ڦولڙي مان لڏي وڃي شهدادڪوٽ ۾ ويٺو. يڪتاري چپڙيءَ تي صوفيانه ۽ عارفانه ڪلام ڳائيندو هو. سچل سرمست جو وڏو عقيدتمند هو. چانڊيا قبيلي جي سربراهه نواب غيبي خان چانڊيي جي ڪچهريءَ جو رڳي هو. چندَ فقير جو آواز ڏاڍو سُريلو هو ۽ هن جي آواز ۾ وڏو ميٺاج هو. هو وڏو درويش هو. نواب غيبي خان چانڊيي طرفان کيس لاپو ۽ انعام اڪرام به ڏيندو هو. فقير صاحب سچل سائينءَ جي هيٺين ڪافي وڏيءَ موج ۽ مستيءَ سان ڳائيندو هو:
محبوب ڳولي ڏس مَن ۾، معشوق ڳولي ڏس مَن ۾!
بي فائدو بازار گهمين ڇو، اٿئي بلبل باغ بدن ۾،
محبوب ڳولي ڏس من ۾!
ٻيائيءَ سان ٿو ٻاهر ڳولين، نه ٿئي بر، بحر ۽ بن ۾،
محبوب ڳولي ڏس مَن ۾!


هن صفحي کي شيئر ڪريو